Shah Abdul Latif bhittai | Pir Hammad Jan sarhandi موضوعاتي جائزو

Описание к видео Shah Abdul Latif bhittai | Pir Hammad Jan sarhandi موضوعاتي جائزو

لطيف سرڪار ۽ تڪبر جي نندا

1.مڻيي تي موهجي جا ڀوري ڏنئي ڀر،
سوڀي تان سيد چئي تو وڃايو ور،
توڙان ئي تڪبر ھيلو ھنھين ھار جو،
(لیلا چنيسر)
--------------------------------------

2.ڏھاڳان سھاڳڻيون ڪھڙي ڏوھ ڪنبن،
ور وڏوڻو ايئن ئي جيئن جيئن پاڻ پسن.
-------------------------------------
3.گھوريو سو سھاڳ جنھن ۾ پسڻ پاڻ کي،
ڏوري لھ ڏھاڳ جنھن ڪرلاھو (مددگار) داسڙو.

--------------------------------------
4.ڪل نه پيم ڪاء تان ڪي ڌڪيندو داسڙو انگ اڳيئي لکيو منھنجو ميثاقاء
لوڌيائين لطيف چئي جاني منجھا جاء،
وڏائي جو واءُ ڪانڌ ڪنھن جو نه سھي.
-------------------------------------

5.ھزارين پسي ھار کي اٿليون آھين،
وان عليڪ لعنتي الي يوم الذين منجھ فرقان فرمائين،
سينو جي ساھين پيون ڪري پوڙي( تڪبر) تان
--------------------------------------
6.ھار سڀوئي ھوڏ جا مون پوء پروڙيو،
لڙي ويو لطيف چئي لال مٽائي لوڏ،
جنھن ڪانڌ ڪيم ڪوڏ سو دم نه ترسي داسڙو.
---------
7.ٿڙڪي (ترڪي) پسي ٿوڪ (گھڻو) ترڪي تڪبر ۾ پئي،
اچيو اچيو اگلي( اڻڄاڻ، چري) چئي ليلان کي لوڪ،
اندر اوڀالن (ميڻھن) سين ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ (ٻالاپڻ جو حسن) ويو ويچاري وسري.
--------

8.سائين سمجھيس ڪي نہ ڪي ڳڻي ڳت (ڀلائي واري ڳالھ )سندياء،
وڏائي واحد ري ٻي ڪنھن کي ڪين جڳاء،
توبنھ ڪيم تنھن ھار کان
لوھوء (رت ٽمي اچڻ) ڇلي لاء،
مونکي مت (عقل) ڏنياء ٻيون ڪنبائي( ڏڪائي ڊيڄاري) ڪيتريون
--------
.9 ھل ھيئين سين ھوت ڏي سسي کڻ م ساڻ،
جنين ڀانيو پاڻ سي آرياڻي اوري رھيون. سسئي آبري
---------
.10 ھيڪر ھئڻ وڃاء ته ويجھي ٿئين وصال کي،
وذڪر ربڪ في نفسڪا پنھنجو پاڻ پچاء،
لالڻ کي ليلاء ته پوي ٻاجھ ٻروچ کي.
----
11. ھيڪر ھئڻ ڇڏ تي اوڏي ٿئين عجيب کي،
. مارآيت شيعن الا واريت نيئي اجھا اوڏاهين اڏ,
ته ھوت توئي کان ھڏ پرين پراھون نه ٿئي.

12. تقديرن ۽ تدبيرن کي پھتي ڪين پرٽ (ڌوٻياڻي)
حجون جي ھئڻ جون سي سسئي سڀئي سٽ،
آتڻ (ڪپڙو ڪتڻ واري جاء) ۾ اگھٽ ( پڌرائي) ڪانڌ ڪنھن جي م ڪري.

13. وڏائي سين وڃائي ستين سڀ ڄمار ،
ستيون پنھجي سٿ تي ڪنبيون ڀر نہ قھار وٽان ھوت ھزار ڪوڙيون وينديون ڪيتريون.

14.مون کي ڇڏ م ڇپرين پوء رھايس پاڻ،
جي ڀلايون ۽ ڀاڻ تن کي رس رسيلا راھ ۾. ڪوھياري

15. قد ٻڌي تون ڪيئن پھچندين پنھون سين،
جي سينو ساهين (برابري) سسئي ٿين تھوارون تين،
مٺي ٿي مسڪين حجت ھوت وڃائيو.

16. ٻري تہ ٻار ڦوڪ لڳي ته آنبرين (وڏو آڙاھ مچ)
ھتي جي ھئڻ جون وٿون سڀ وسار ،
سموري سرڪار نيئي ڌرج ناھ ۾.

17. سامونڊي ٿو سبھين ساڄو جھل سکاڻ،
لڳي واءُ وڏاندرو منجھائي مھراڻ،
جنين ڀانئيو پاڻ ڪري توائي (بي قابو ٻيڙي )تن کي. سر سري راڳ

18. کوء سميون ٻن سومريون جي اچن پيون اوچي ڳاٽ،
ور سي ڪينجھر ڄايون جن کي تماچي جي تات،
راڻين ملا رات (راڻن جي وچان )ماڻڪ ميء (نوري ملاحڻ) پرائيو.
سر ڪاموڏ

19. چاري جو چيو ڪري وڳ نه واريائون,
مئي (مان يا انا) نه ماريائون ھڻي ھل ھاڻون ڪيا.
سر ڏھر

20. ڀيرين ۽ ڀانئين اي وڏوڻو ڪانڌ ،
ويٺي اور ارٽ سين ڳچي پايو پاند،
ته تنھنجو ئي وڙواند ڪتيو وتيو نه ٿئي.
ڪاپائتي.

21. ڀيريين ۽ ڀانئين ڀانئڻ ڀڃي چڏ،
ڪتيو وتيو پورھيو ھوڏ وجھندئي ھڏ،
ھت ڏيڍو مٽيئين ڏڏ ھت ڏڪن ڏھسيء واريون.

22. ڪين ماپيندا من ۾ خودي ۽ خدا،
ٻن ترارين جاء ڪانھي ھڪ مياڻ ۾.
سر يمن ڪلياڻ

23. ملو ٻانڀڻ ڪانء ٽئي اکر ھيڪڙي،
ھي سينڱ (تير) نه وھي سامھون ھو نينھن نه ڳنھن نانء ،
انھي منجھان آنء ڪڏھن ويندي ڪا نه ڪا.

24. اکر پڙھي اڀاڳئا (نڀاڳا) قاضي ٿئين ڪئاء،
ڀيريين ۽ ڀانئين ايڏا ايئن نه آء،
ان سرڪي سندو ساءُ (ذائقو) پڇج عزازيل کي.

25. توکي توڙائين لا سين لاٿائون،
اڃا پڻ آئون واريو وجھين وچ ۾.
سر آسا

26. جوڳي ھون نه جيئرا پائي جوڳ م جيء ،
ھاريا ھن ڪنن سين سڻ سنيھو ايء،
وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيء،
ھڏھين ڪونھي ھيء ٿو آسارا آئون چوين.
سر رام ڪلي.

27. کنيو تڪبر تڪيا حيلا ڪيو ھلن،
موڙھا (اڻڄاڻ) تان نه لھن ،
لمي (نمي)راھ لطيف چئي

28. پوڄا ڪر م پاڻ کي اي شرڪ شيطاني پر ،
لاھوتي لطيف چئي توڙان ڇڏ تڪبر،
ڇڏ ساٿ ثمر نانگا پئو نڪري.

29. جيسين پسين پاڻ کي تيسين تون نه فقير،
ھينئون ھٿان چير ته گر کي گڏجين ڪاپڙي

Комментарии

Информация по комментариям в разработке