او شوخ ھوا. oh shokh hawa .

Описание к видео او شوخ ھوا. oh shokh hawa .

شاعر حليم باغي.

او شوخ ھوا او شوخ ھوا، مَخدوم بِلاول کي چئجان.
ٽلٽِي جا ڌَڻي ڪا واھَر ڪر
ئي وقت ڳور مَٽ اُجار ڏسِي ۽ لاشن جا سَت مار ڏسي..
منھنجو تہ جِگر ئي ڦٽجي پيو منھنجو ڪليجو ئي ڪٽجي پيو...
ھر روز ننڌڻڪن تي گوليون ھر شام لھُو سان ھي ھوليون.. رت مَن جي رضا اڄ ڳارھو آ...
ٻيون جيتَ ڪپارن ڪارو آ.
ھوء ماءُ رضا جي تڙپي پئي ۽ ڀاء جي ڀيڻ بہ سُڏڪي پئي.
ڪيڏو نہ قَھر ڪيو مون تي قضا.
او شوخ ھوا او شوخ ھوا

تنھن وقت بہ منھنجن پيارن جون ويچارن جون ٻَڪرارن جون، ڇَيرن سان ڇاتِيون ڇاڻيون وِيون، سينن تي بندوقون تاڻيون ويون.
پٽڪن جي ڙڙين کي ڦاريو ويو.. پوتين جي پلن کي ساريو ويو.. مِينار کرا ٿيا لاشن جا..
۽
تاج جُھليا بَدماشن جا..
بَستي تي چرجي ڇا تہ وڀا.
او شوخ ھوا او شوخ ھوا.

ھوء تنھنجو شھپر مور ڏٺو ، ھِن جُوء سان تنھنجو جَوڙ ڏٺو..
مون ڏسندي توکي پرکيو ھئو تون ڀٽڪيل روح بلاول جو..
ھِت بان جي ڪپري آھيو ھئين.
بي ڏوھ ننڌڻڪو دايو ويئين.
او آزادين جا متوالا او چانڊوڪين جا رکوالا..
اڄ عظمت جي مھرابن ۾.
مون سِيس جُھڪايو سَجدن ۾
او منھنجا ڀاء او منھنجا رضا.
او شوخ ھوا...
ھنِ ڌيس جي ھارين نارين سان.
سي ساڳيا آھن انڌير اڃا.
روٽِي جي گُھرڻ تي گار ملي.
لوھِي جي بدران مَار مِلي.
اڄ ھُن جي ڌيءُ کڻائي ويو ھُو لوفر پُٽَ وڏيري جو..
اڄ ڏانگھ بہ ھُنجا ڇورِيا ويا ، ڏنڊا بہ پوليس جا ٽوريا ويا.
ٿي رَت ۾ لَت پَت فَرش مٿان، ۽ لَوھِي شيخَن جي پٺيان ڦٿ ڦٿڪي ڦٿڪي ساھ ويا...
او شوخ ھوا مخدوم بلاول کي چئجان.

Комментарии

Информация по комментариям в разработке