ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نہ پِيارِينِ؛اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَھزادا سارِينِ؛

Описание к видео ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نہ پِيارِينِ؛اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَھزادا سارِينِ؛

【۵】
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نہ پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَھزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِھارِينِ؛ چَڙھُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!
---
ڪوفي ڪربلا ۾ مير حسين ۽ سندس ساٿين کي پاڻي بہ نہ پيارين. اُتي شھزادا حضرت عليءَ کي ياد پيا ڪن. تنبن کان ٻاهر نڪري، چوطرف نھاري پيا پڪارين: ”اي مير محمد عربي! (اي پاڪ رسول! ) اچي اسان سان حامي ھمراه ٿيءُ. “
سُر ڪيڏارو

Комментарии

Информация по комментариям в разработке