AANDHI ME JOT BY AHMED MUGHAL | 2022

Описание к видео AANDHI ME JOT BY AHMED MUGHAL | 2022

Song : aandhi me jot
Artist : Ahmed Mughal

Lyrics:

آنڌيءَ ۾ جوت جڳائڻ وارا سنڌي
۽ خاڪ کي سون بڻائڻ وارا سنڌي

شاھ سچل ساميءَ جي ورثي وارا
نس نس ۾ وھي ٿي جن جي سنڌو ڌارا
ھي رھن ملیر ۾ ماروئڙا ۽ جھر جھنگل ۾ ماروئڙا
بر بٽ کي باغ بنائڻ وارا سنڌي
۽ خاڪ کي سون بڻائڻ وارا سنڌي

پریم ڀاوَ ایڪي سان رهندا جڳ ۾
محنت جو ڀاو ڀریل جن جي رڳ رڳ ۾
سڀني سان ےپریم وڌائیندا ڪجھ ڏیندا ۽ ڪجھ پائیندا
سنسار ۾ پریم وڌائڻ وارا سنڌي،
۽ خاڪ کي سون بڻائڻ وارا سنڌي

موھن جي دڙي جیان دٻجي اوچا رھندا
طوفان زلزلا سور ۽ سختیون سھندا
ھیمون جیان ڦاھي کائیندا تہ بہ مرڪي مرڪي ڳائيندا
هي ڪڏندي ڪنڌ ڪپائڻ وارا سنڌي
۽ خاڪ کي سون بڻائڻ وارا سنڌي

All Right Reserved.

Комментарии

Информация по комментариям в разработке