SINDH MURKE PAI | AHMED MUGHAL |FULL SONG 2019

Описание к видео SINDH MURKE PAI | AHMED MUGHAL |FULL SONG 2019

Song : Sindh Murke Pai
Artist : Ahmed Mughal
Music: Saad Alavi

Lyrics:

جيءَ جِيارن مٿان جانثارن مٿان،
منزلِ عشق جي چنڊ تارن مٿان،
ڪاڪ جي ھرڪنڌيءَ جي ڪنارن مٿان،
دشمنِ سنڌ کي ڦاهي سُرڪي پئي،
سنڌ مرڪي پئي سنڌ مرڪي پئي..
تنھنجي ھيرن ۽ موتين جي ڇولي ڏسي،
سنڌي ٻولي جي لبڙن تي لولي ڏسي،
گردشِ وقت جي ھي پرولي ڏسي،
سرزمينِ وطن پيار پرکي پئي..
سنڌ مرڪي پئي سنڌ مرڪي وئي....
ڪنھن جي رنگِ حِنا جو ھي سڀ نور آ،
نرگسِ نيڻ جي ڪا تہ ھي گھور آ،
ڪنھن جي گيتن جي ڇولي جو ھي پور آ،
ڪنھن جي نغمي تي دل منھنجي ھِرکي پئي..
سنڌ مرڪي پئي سنڌ مرڪي پئي...
ھاڻي ڪوبہ نہ آ جو بھارون کسي،
گھوٽ تنھنجي تنبوري جون تارون کسي،
ڪوئي اوٺي اٺن جون مھارون کسي،
منزلِ عشق مجنون کان ڇرڪي پئي..
ھاءِ منھنجي تخيل جا اي ماہ جبين،
شال زندہ ھجين شال سن ۾ وسين،
بلبلِ دل نہ رو رقص ۾ آ زمين،
چنڊ چوڏھين جيان سنڌ جرڪي پئي..
سنڌ مرڪي پئي سنڌ مرڪي وئي....

All Right Reserved.

Комментарии

Информация по комментариям в разработке